SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


رياستي مرڪزيت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


رياستي مرڪزيت

State Centrism

اسٽيٽ سينٽرزم

دنيا جي هر ملڪ جي حڪومتي مشينري ۽ بين الاقوامي ادارن جي جوڙجڪ هن تصور تي ٻڌل هوندي آهي. هن تصور هيٺ ملڪ جي هر اداري ۽ ماڻهوءَ کي حڪومت جي طرفان ٺاهيل ضابطن ۽ قانون جي پاسداري لازمي ڪرڻي آهي . ”اسٽيٽ سينٽرزم“ تحت هر ماڻهوءَ ۽ اداري کي ملڪ جي مفادن لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ۽ ملڪي مفاد ٻين سڀني مفادن کان مٿانهان رکڻا آهن. جيئن شمسي نظام ۾ سڀ گرهه سج جي چوڌاري ته ڦرندا آهن، پر هر گرهه جون خاصيتون ۽ سج جي چوڌاري ڦيرو پورو ڪرڻ جو وقت مختلف آهي . البت هر گرهه جو مقصد صرف هڪ آهي، ته اهو پنهنجي مقرر ٿيل دائرن اندر سج جي چوڌاري گهربل ڦيرا ڏئي . ”اسٽيٽ سينٽرزم“ جو تصور به هڪ اهڙي ئي سوچ آهي ، جنهن ۾ هر ماڻهوءَ ۽ اداري جي سوچ ۽ عمل ملڪي حڪومتي نظام سان لاڳاپيل هجن ٿا. ”اسٽيٽ سينٽرزم“ جا ٻه وڏا ۽ مکُ عنصر آهن. هڪ: ”اسٽيٽ سينٽرزم“ تحت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تي ملڪ ۾ موجود حڪومت جو ڪنٽرول هوندو آهي ۽ ڪنهن به علائقي کي حڪومتي اختيار جي خلاف بغاوت جي اجازت نه هوندي آهي . ٻيو: هر شهريءَ کي حڪومت جي قانون ۽ ادارن جي فرمان برداري هر حال ۾ تسليم ڪرڻي پوندي آهي . علم سياسيات جي ماهرن جي خيال مطابق ، هن طرح جي سوچ ماڻهن ۾ قومپرستي ۽ قبيلائي سڃاڻپ جا مسئلا پيدا ڪندي آهي، پر ملڪي آئين جي ذريعي سڃاڻپ ۽ قومپرستيءَ جا مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا . بين الاقوامي سطح تي مسئلن جي حل لاءِ ملڪي عوام جي حڪومت سان يڪجهتي تمام گهڻي اهم هجي ٿي . سيڪيورٽي جي هر مسئلي جي حل لاءِ ملڪ جو هر علائقو جيستائين ملڪي حڪومت جي تابع ڪم نٿو ڪري ، تيستائين انهيءَ ملڪ کي ٻاهرين قوتن جي دخل اندازي جا خدشا درپيش رهن ٿا. ”اسٽيٽ سينٽرزم“ جي جوڙجڪ تحت ڪجهه پابنديون هُجن ٿيون، جن جي ڪري عوام جي آزادي ڪجهه حوالن سان آزادي مشروط آهي، پر گڏيل ملڪي سالميت لاءِ ماڻهن کي انهن شرطن جو پابند ڪرڻ ضروري هوندو آهي . ٻئي پاسي، ”اسٽيٽ سينٽرزم“ تحت مڙهيل سخت پابنديون ماڻهن کي حڪومت جي قائم ڪيل قانون جي ڀڃڪڙي ڪرائڻ تي مجبور ڪن ٿيون . اهو ئي سبب آهي جو ”اسٽيٽ سينٽرزم“ کي ڪنهن ملڪ ۾ پوريءَ طرح سان لاڳو ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ٿين ٿيون


Remember Me Also:

ٿڌڙو

ذ. ٻير جو ٻِجُ ، ککڙو ، ڌَڌڙو. ٻارن جي هڪ بيماري. صفت. ”ٿڌو“ جو اسم تصغير. ٿورڙو ٿڌو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal